جرڪس فقير

جرڪس فقير: پاڻ هنڱورجا جي مخدوم محمد الياس جو فقير هو. مخدوم محمد الياس جي وفات وقت سندس فرزند حاجي حبيب الله ننڍو هو. ان زماني ۾ ڄام اهيو سمو ساهتي پرڳڻي جو حاڪم هو. کيس مخدومن سان ساڙ هو ۽ وقت بوقت کين چڙ ڏياريندو رهندو هو.
مخدوم الياس جي وفات کانپوءِ سندس سجاده نشين کي صغير ڏسي زيادتين ۾ اضافو آندائين ۽ مخدومن جو کوهن تان پاڻي ڀرڻ ۽ بازار مان سودو وٺڻ به بند ڪري ڇڏيائين. اهو حال ڏسي فقير جرڪس، مخدوم حبيب الله کي هنج ۾ کڻي ڄام وٽ آيو، جو ان وقت مسجد ۾ ويٺو هو. ڄام باهه ٿي ويو ۽ فقير تي بڇ ڪرايائين. فقير مخدوم کي کڻي منبر تي چڙهي ويو ۽ ڄام کي پاراتو ڏيندي هيءُ بيت چيائين.
اوڀر ڏانهن ٿي آئيا، سنڀري ٻه سوار،
هڪڙي پڪڙيس ڏاڙهي کئون، ٻي پڪڙِيس وار،
ساري سڀ ڄمار، تن جي منزل مٿو ناهه ڪو.

اهو ٿيو وهيو، مٿئون پيس باز،
تنهين جو آواز، ٻيهر ٻڌو ڪو نه ڪو،
فقير بيت چئي بس ڪئي ته اوڀر کان ٻه سوار آيا، جيڪي ڄام کي پڪڙي کنڀي هليا ويا. سندس ماڻهو انهن جي پٺيان پيا پر کين پڪڙي نه سگهيا. ان بعد ڄام جو ڪو پتو ڪو نه پيو. جرڪس فقير اندازن ڏهين هجريءَ ۾ ئي گذاري ويو.


لفظ جرڪس فقيرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو